Posts

Showing posts from May, 2022

Sindhi Poetry ڪجھ پيار پراڻا ڪجھ يار پراڻا ڪڏهن ايندا موٽي اهي يار پراڻا

Image
  ڪجھ پيار پراڻا ڪجھ يار پراڻا  ڪڏهن ايندا موٽي اهي يار پراڻا ساٿ ڏيندا ها گڏ هوندا ها  مستيون ڪندا ها موجون ڪندا ها اهي يار پراڻا ڪڏهن ناراض ٿيندا ها ڪڏهن ناراض ڪندا ها جلدي ۾ وري پرچي بہ ويندا  ڪجھ مستيون ۽ موجون بہ ڪندا ها ڪجھ پيار پراڻا ڪجھ يار پراڻا  اهيو وقت هيو ڪجھ موسم وانگر جيڪو بدلبو رهندو هيو آکر اهيو ھليو ويو ڪاڏي آهي ڇا هاڻي موٽڻو اهيو ناهي لڳي ائين ٿو مونکي هاڻي تہ موٽي اچڻ جي مند ھلي وئي   ڪجھ پيار پراڻا ڪجھ يار پراڻا  ڪڏهن ايندا موٽي اهي يار پراڻا ڪڏهن ڏيندا هئا اهي ساٿ اسان جو ڪڏهن وٺندا ها اهي ساٿ اسان جو هاڻي آهن اهي الائي ڪاٿي  اچن نٿا اهي نظر اسان کي ڪهڙي دنيا ۾ سمائجي ويا هن ڪجھ پيار پراڻا ڪجھ يار پراڻا  ڪڏهن ايندا موٽي اهي يار پراڻا ڪڏهن اهي جو نظر اچن ٿا پريون کون ئي پرکي وڃن ٿا آهن ڪجھ موتي داڻا جيڪي  اڃ بہ اسان جو ساٿ ڏيندا هن جيڪي اڃ بہ اسان کي ياد ڪندا هن سلام منهنجو سڀ ساٿين کي پوء بہ مونکي سڀ پيارا هن پوء بہ مونکي سڀ پيارا هن ڪجھ پيار پراڻا ڪجھ يار پراڻا  ڪڏهن ايندا موٽي اهي يار پراڻا آغا هسيب الله بابڙ...

Sindhi Poetry هڪڙو ڏينهن مون بہ ها موجود تہ ڪونہ هوندس هتي ضرور محسوس ڪجو مون کي

Image
 هڪڙو ڏينهن مون بہ ها موجود تہ ڪونہ هوندس هتي ضرور محسوس ڪجو مون کي ھوا ۾ موجود خوشبوء ۾ ضرور محسوس ڪجو مون کي بارش جي ان بوندن ۾ ضرور محسوس ڪجو مون کي سمنڊ جي ان لهرن ۾ ضرور محسوس ڪجو مون کي هڪڙو ڏينهن مون بہ ها موجود تہ ڪونہ هوندس هتي ضرور محسوس ڪجو مون کي گذاريل گڏ ان يادين ۾ ضرور محسوس ڪجو مون کي گزاريل گڏ ان ڳالهين ۾ ضرور محسوس ڪجو مون کي گذاريل گڏ ان ڪسن ۾ ضرور محسوس ڪجو مون کي هڪڙو ڏينهن مون بہ ها موجود تہ ڪونہ هوندس هتي ضرور محسوس ڪجو مون کي خان  آغا حسيب الله Agha Haseebullah Khan's poetry Sindhi Poetry by Agha Haseebullah Khan  Hikrro Dihu ta mu b ha  Mojood ta kona hundus hitay  Zarur mahsoos kajo mu khay  آغا حسيب الله خان جي شاعري Agha Haseebullah Khan g shaeri آغا حسيب الله خان جي شاعري #sindhishaeri #sindhipoetry #Sindhi #sindhiculture #sindhishaery

تنهنجي منهن تي سنهڙي مرڪ ڏٺي ڄڻ چنڊ جي urkaaSindhi Poetry Tuhijay muha tay sanhirri murka dithi

Image
  تنهنجي منهن تي سنهڙي مرڪ ڏٺي ڄڻ چنڊ جي سنڙري لڪير ڏٺي يا ڄڻ پهرين جو مون چنڊ ڏٺو تنهنجي ڏندن جي اها چمڪ ڏٺي ڄڻ تارن جي اهيا ٽمڪ ڏٺي تنهنجي گهمڻ جي اهيا ادا ڏسي ڄڻ بادلن جي اها گونج اٿي تنهنجا اڇا چٽا اهي تارا ڏسي ڄڻ آسمان ۾ اهيا کوڻ اٿي  تنهنجي قدمن جو مون آواز ٻڌي ڄڻ ٻوڏن جي اهيا لهر پڳي مون تہ  تون کي ڏنا هن سڏ گهڻا  تون هاڻي تہ ھلي آ۔۔۔۔هلي آ هاڻي Sindhi Poetry by Agha Haseebullah Khan  آغا حسيب الله خان جي شاعري Agha Haseebullah Khan g shaeri #sindhishaeri #sindhipoetry #Sindhi #sindhiculture #sindhishaery

Sindhi Shaeri Sindhi Poetry Mu Jo Khila Po O Kehrray o sana me

Image
 مون جو کلا پيو او ڪھڙي او سن ۾ مون جو ھيم او ڪنھنجي او من ۾ منھنجي ھءي مرڪ او ڪھڙي او سن ۾ اسان جو ملياسين او ڪھڙي او سن ۾ ڪھڙي ھءي راڻي\راڻو او ڪھڙي او سن ۾ ويو ڪاڏي راڻي\راڻو او ڪھڙي وطن ۾ وڇڙيا ھياسين او ڪھڙي او سن ۾ وڻن جا جو پتا وڇڙي وڃن ٿا وري ڪان ورن ٿا او ساءي رنگ ۾ وڇوڙي کان پوء اھي مرجھي وڃن ٿا مرجھاءڻ کان پوء اھي سڪي وڃن ٿا ھيا ڪجھ بادل ۽ بارش جي ٽم ٽم ھءي ڪجھ کوڻ ۽ گاج جي گڙ گڙ ھيا ڪارا بادل نظارا ۽ رم جھم مون جو کلا پيو او ڪھڙي او سن ۾ منھنجي ھءي مرڪ او ڪھڙي او سن ۾ آغا حسيب الله خان جي شاعري Agha Haseebullah Khan g shaeri #sindhishaeri #sindhipoetry #Sindhi #sindhiculture #sindhishaery